رانديون

سرفراز احمد جي ڪارڪردگي تي شعيب ملڪ جو شاهد آفريدي کي مشورو

ڪراچي: نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ٽيسٽ ميچ ۾ سرفراز احمد جي ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي کي صلاح ڏني آهي. ڪراچي ٽيسٽ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 317 رنسون ٺاهي ورتيون. سرفراز ۽ بابر جي شاندار بيٽنگ تي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ٽوئيٽ ڪندي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي جي سرفراز کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس صلاح به ڏني. هن لکيو ته شاهد آفريدي جو سرفراز کي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو سٺو هو، منهنجو مشورو آهي ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ويجهو آهي ان ڪري سرفراز کي ون ڊي ٽيم ۾ به شامل ڪيو وڃي، هو وچين اوورن ۾ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button