رانديون

آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ ٻه اعزاز حاصل ڪري ورتا

سڊني: آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڊيوڊ وارنر ڏکڻ آفريڪا خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ ٻه اعزاز حاصل ڪري ورتا. ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل هيءَ ٽيسٽ وارنر جي 100 هين ٽيسٽ ميچ آهي، جنهن ۾ هن سينچري اسڪور ڪئي ۽ هو 100 هين ٽيسٽ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو ڏهون بيٽسمين بڻجي ويو. ان کان اڳ پاڪستان جو جاويد ميانداد ۽ انضمام الحق به اهو ايوارڊ حاصل ڪري چڪا آهن، فهرست ۾ ڪولن ڪاوڊري، گورڊن گرنچ، ايلڪ اسٽيورٽ ۽ رڪي پونٽنگ به شامل آهن. ڏکڻ آفريڪا جو گريم سمٿ، هاشم آملا ۽ انگلينڊ جو جو روٽ به اهو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي.

ڊيوڊ وارنر ان ميچ ۾ ٻيو اعزاز به حاصل ڪيو، هن 100 هين ميچ ۾ ڊبل سينچري پڻ اسڪور ڪئي. وارنر 100 هين ٽيسٽ ميچ ۾ 200 رنسون اسڪور ڪندڙ دنيا جو ٻيو بيٽسمين آهي، ان کان علاوه هو اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ وارو پهريون آسٽريلوي بيٽسمين آهي. هو 200 تي رٽائرڊ ٿيو، آسٽريلين بيٽسمين پنهنجي ڊبل سينچري جو جشن ملهائڻ دوران ٽنگ جي زخم ۾ مبتلا هو. ان کان اڳ انگلينڊ جي جو روٽ گذريل سال ڀارت خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button