رانديون

بابراعظم جو رڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو جاري، محمد يوسف کان اعزاز کسي ورتو

ڪراچي: قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو رڪارڊن ٺاهڻ جو سلسلو جاري، نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن بابراعظم ڪيترائي اعزاز حاصل ڪري ورتا. ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هن هڪ ڪئلينڊر سال ۾ سڀ کان وڌيڪ انٽرنيشنل رنسون ٺاهڻ جو 16 سال پراڻو قومي رڪارڊ محمد يوسف کان کسي ورتو. هو موجوده بيٽنگ ڪوچ 2006ع ۾ 2435 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي، جڏهن ته بابر 13 جي انفرادي اسڪور تي پهتو ته هن محمد يوسف کي پٺتي ڌڪي چڪو هو، جڏهن هن پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي ته هن هڪ ڪئلينڊر سال ۾ سڀ کان وڌيڪ 50 پلس اسڪور جو رڪارڊ پڻ حاصل ڪيو.

بابر جي هن سال اها 25 هين ففٽي پلس اننگز آهي، جيڪا 2005ع ۾ 24 ففٽي پلس رنسون ٺاهيندڙ رڪي پونٽنگ کان وڌيڪ آهي. هن سال ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي باوجود بابر اڪيلي فائيٽر جي حيثيت سان رنسون ٺاهڻ جو سلسلو جاري رکيو، هن 9 ميچن ۾ 1000 کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪيون آهن. ان کانسوا دنيا ۾ صرف 3 بيٽسمين 2022 دوران چار عددي ٽيسٽ مجموعي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ڪراچي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ بابر سنچري اسڪور ڪئي، هن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 28 هون ڀيرو اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پهريون ڀيرو هڪ ڇڪو هڻي سينچري مڪمل ڪئي. جيڪڏهن هن جي بيٽنگ موجوده ٽيسٽ ۾ جاري رهي ته هو هڪ ڪئلينڊر سال ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙن جي فهرست ۾ ڪيترن ئي وڏن نالن کي پوئتي ڇڏي سگهي ٿو. ريڪي پونٽنگ 46 اننگز ۾ 2833 رنسون ٺاهي 2005ع ۾ اهو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button