پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ 4 ڏينهن کان گم نوجوان جو سنڌو درياهه مان لاش مليو

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ 4 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو سنڌو درياهه مان لاش هٿ آيو آهي. خبر موجب حيدرآباد جي ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ سنڌو درياهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال پهچايو، جتي نوجوان جي سڃاڻپ الطاف سولنگي پٽ امداد سولنگي طور ٿي. اطلاع ملڻ تي نوجوان جا وارث پڻ پهتا، جيڪي پوسٽ مارٽم کانسوا لاش کڻائي ويا.

جن پوليس کي ٻڌايو ته سندن نوجوان 24 ڊسمبر تي قاسم آباد جي علائقي شيدي ڳوٺ مان گم ٿي ويو هو. جنهن جو اڄ لاش مليو آهي. جنهن جي جاچ ڪرائي وڃي، گمشدگي جي حد جي ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي هئي. جڏهن ته لاش ملڻ واري هنڌان نوجوان جي موٽرسائيڪل پڻ ملي آهي. ٻئي طرف ايس ايڇ او قاسم آباد صغير سانگي ۽ نسيم نگر چيڪ پوسٽ جي فرحان ميمڻ چيو ته نوجوان اسان جي حدن مان گم نه ٿيو آهي، نه وري اسان وٽ گمشدگي جي ڪا رپورٽ داخل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button