پاڪستانسنڌ

سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن کي وڏو خطرو آهي، گڏ ٿيڻو پوندو: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته هن وقت جنهن صورتحال طرف ملڪ وڌي پيو ان ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو موجوده سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن کي آهي، سنڌ جي بقاُ لاءِ سنڌ جي قومپرست، وطن دوست ۽ سنڌ دوست ڌرين کي پنهنجا ذاتي اختلاف ۽ پسند ناپسند کي هڪ پاسي رکي گڏ ٿيڻ گهرجي. اھڙو اظھار ھن ڪالھھ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ملڪ تي تجربا ٿيندا رهيا آهن، ملڪ ۾ ڊگهين آمريتي حڪومتن، اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان ايندڙ حڪمرانن ۽ نالي ماتر جمهوري حڪومتن هن ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، هٿ وٺي ملڪ اندر مذهبي انتهاپسندي، نسل پرست ٽولن کي طاقت بخشي وئي ۽ ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي دولت کي لُٽي حد درجي جي ڪرپشن سان پنهنجا ذاتي اڪائونٽ ڀريا ويا آهن، جنهن سان ملڪ جو معاشي ڏيوالو نڪري ويو آهي. پوري ملڪ ۾ عدم استحڪام ۽ غير يقيني واري صورتحال آهي. ملڪ جي اندر ان عدم استحڪام ۽ غيريقيني واري صورتحال جا ذميوار اهي حڪمران آهن جن ملڪ کي هن صورتحال ۾ آڻي بيهاريو آهي، ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ خطري هيٺ سنڌ آهي. جتي هڪ رٿابندي تحت ڌاري آبادڪاري کي هٿي ڏني وئي ۽ سنڌ جون زمينون ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ ڏئي ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پ پ پ جو وڏو ڪردار آهي، جنھن پنھنجي اقتدار ۽ ڪرپشن جي عيوض سنڌ جي اجتماعي مفادن جو سودو ڪيو آهي ۽ سنڌي عوام جي ووٽ طاقت تي سوديبازي ڪئي آهي. عالمي صورتحال هن وقت ڪنهن به صورت ۾ اسان جي حق ۾ ناهي.

ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جيستائين هن ملڪ جي نئين سر جوڙجڪ ڪري عوامي جمهوري پاڪستان بڻائي ان ۾ شامل سمورين ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق نه ڏنا ويندا، تيستائين ملڪ مضبوط نه ٿيندو، نه وري بحران ختم ٿيندا، نه وري ملڪ مان احساس محرومي ختم ٿيندي. ان ڪري ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمرانن کي هاڻي هوش سنڀالڻ گهرجي. هن وقت جنهن صورتحال طرف ملڪ وڌي پيو، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو موجوده سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن کي آهي، ان لاءِ هاڻي سنڌي قوم کي سجاڳ رهڻو پوندو. هن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي هڪ انچ تان به دستبردار نه ٿينداسين، ان لاءِ اسان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. سنڌ جي بقاُ لاءِ سنڌ جي قومپرست وطن دوست ۽ سنڌ دوست ڌرين کي پنهنجا ذاتي اختلاف ۽ پسند ناپسند کي هڪ پاسي رکي گڏ ٿيڻ گهرجي، انهن کي پارلياماني محاذ تي هڪ مضبوط اتحاد جوڙي سنڌ مٿان مسلط ڪيل وڪائو جاگيردارن ۽ وڏيرن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن جي لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪوششون ڪري رهي آهي. ايس ٽي پي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري،ڄام شوڪت ابڙو، گوتم چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button