پاڪستانسنڌ

شيخ اياز موجوده ۽ ايندڙ زمانن جو وڏو شاعر آھي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد؛ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته شيخ اياز موجوده ۽ ايندڙ زمانن جو نه صرف سنڌ پر عالم جو وڏو شاعر آھي، اياز دشمني سنڌ جي فڪر، فن ۽ سنڌيت سان دشمني آھي. سنڌ جي مھان قوي شيخ اياز جي 25 ورسي جي موقعي تي پيغام ڏيندي اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو تھ شيخ اياز سنڌ جي عالمي طور تي سڃاڻپ ايندڙ سوين نسلن لا ھڪ سوغات، تحفو ۽ ھڪ دور ۽ ڪيترن ئي دورن جي علامت ۽ علمبردار آھي. نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنھنجي ٻولي کي زندھه رکڻ لاءِ سنڌي شاعري، سنڌي ڪتاب، سنڌي ميوزڪ سان رشتو جوڙين.

اياز لطيف پليجي چيو ته وڏن اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن وٽ سڀ ڪجھه ھوندو پر جيڪڏھن ٻولي نه ھوندي، ڪلچر نه ھوندو، ادب نه ھوندو، موسيقي نه ھوندي ته اھي اندران کالي ھوندا، کوکلا ھوندا، جيئن ھينئر جن نوجوانن تمام زبردستي تياريون ڪيون، پي ايم سي، پي سي ايس، پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ڏنا، انھن سان ڇا ٿيو، پنھنجن ٻارن جي پڙھائي دوران جيڪي مائٽ چوندا ھئا ڇڏيو سياست کي ڇڏيو ادب کي، ڇڏيو ٻولي کي، رڳو پڙھائي کي لڳو، انھن جي محنتن کي حڪمرانن جي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ ھڪ ھٺي لتاڙي ڇڏيو. انھن نوجوانن سان استحصال خلاف وري به سياست اڳتي آئي، ٻولي آھي، نظريو آھي، ڪتاب آھن، جدوجھدون آھن، جيڪي رستا ڪڍن ٿيون ۽ حق ڏيارين ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button