رانديون

حڪومت جي تبديلي سان بورڊ جو چيئرمين به تبديل ٿيندو آهي: عاقب جاويد

لاهور: پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ لاهور قلندرز جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا تي تنقيد ڪئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته حڪومت جي تبديلي سان بورڊ جو چيئرمين به تبديل ٿيندو آهي، عمران خان جي حڪومت کانپوءِ رميز راجا کي پاڻ پنهنجي عهدي تان وڃڻ گهرجي ها.

هن چيو ته رميز راجا جي دور ۾ هر ماڻهو ڏکايل نظر آيو، بورڊ جي ملازمن، فرنچائز مالڪن ۽ سندس ساٿي رانديگرن سميت سڀني کي اداس ڏٺو. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته نجم سيٺي ڪرڪيٽ ڊپارٽمينٽ کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن سان رانديگرن جو پول وڌندو، رميز راجا کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو، هاڻي نجم سيٺي کي ڪم ڪرڻ ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button