رانديون

پي سي بي جي ڊائريڪٽر ايڇ آر سرينا آغا عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ڊائريڪٽر ايڇ آر سرينا آغا عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي دور ۾ ايڇ آر ڊائريڪٽر مقرر ڪيل سرينا آغا گذريل ڏينهن بورڊ آفيسرن سان الوداعي ملاقات کانپوءِ گهر هلي وئي هئي، جنهن جي اعليٰ اختيارين به تصديق ڪئي آهي. ٻئي طرف نئين ڊائريڪٽر هيومن ريسورس جي مقرري جو اعلان جلد ڪيو ويندو.

رپورٽن مطابق ڪرڪيٽ بورڊ جي ٻين ڊائريڪٽرن ۽ جنرل مئنيجرن جون استعيفائون به ايندڙ هفتي متوقع آهن، ٻي صورت ۾ سندن برطرفي جو قوي امڪان آهي. انهن ۾ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر نديم خان ۽ پي سي بي ميڊيڪل پينل انچارج ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نجيب الله سومرو نمايان آهن. ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي عملدارن کين پيغام ڏنو آهي ته هو پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button