رانديون

ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن قومي ٽيم جي 3 رانديگرن جي ڪپتاني

ڪراچي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڪپتاني جي معاملي تي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن ۾ ٽن ڪپتانن هڪ ئي ڏينهن ٽيم جي ڪپتاني ڪئي. ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڪپتان بابر اعظم بيمار ٿي پيو ۽ وائرل فلو سبب ميدان ۾ نه آيو، جڏهن ته سندس جاءِ تي نائب ڪپتان محمد رضوان کي ڪپتاني جون ذميواريون سنڀالڻيون هيون پر رضوان پليئينگ الين جو حصو نه هو. دلچسپ صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن رضوان جيڪو پلينگ اليون جو حصو نه هو، فيلڊنگ لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ ڪپتاني شروع ڪري ڇڏي، جنهن تي تڪرار پيدا ٿي ويو جڏهن ته قومي ٽيم انتظاميا ان حوالي سان پي سي بي جي ضابطن کان بي خبر هئي.

ميچ ريفري ۽ فيلڊ امپائر کي اڳتي وڌڻو پيو ۽ پاڪستاني ٽيم انتظاميا کي ٻڌايو ته آءِ سي سي جي ضابطن موجب متبادل رانديگر ڪپتاني نٿو ڪري سگهي. ميچ ريفري ۽ امپائرز جي مداخلت کانپوءِ پاڪستاني ٽيم انتظاميا محمد رضوان کي ڪپتانيءَ کان روڪي ڇڏيو ۽ سرفراز ڪپتاني جا فرض سرانجام ڏنا، جڏهن ته سرفراز پاڻ به ڪپتان جي حيثيت سان امپائر جي فيصلي جو جائزو ورتو. پر ٽيم جي وقتي ڪپتان سرفراز جي ڪپتاني گهڻي دير تائين برقرار نه رکي سگهي ۽ ڪپتان بابر اعظم پنهنجي حالت کي بهتر محسوس ڪندي 81 هين اوور ۾ ميدان ۾ پهتو ۽ ڪپتاني جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. فيلڊ ۾ اچڻ کان پوءِ بابراعظم، نعمان علي سان صلاح ڪئي ۽ نئون بال گهرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button