سنڌ

سنڌ ۾ ڪڻڪ جو ڪو بحران ناهي،مارچ تائين جو ذخيرو موجود آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڪابه کوٽ ناهي، سنڌ حڪومت وٽ مارچ تائين ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي، ھن چيو ته سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي، جتي اٽو 65 روپيو في ڪلو دستياب آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت اربين روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي. اها ڳالهه هن آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ 1100 جڳهن تي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي آهي، جنهن ۾ موبائل وين ۽ اسٽالز شامل آهن ۽ جتي به شڪايتون آهن، ان لاءِ شڪايت درج ڪرڻ لاءِ نمبرز ڏئي ڇڏيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن چيو ته عمران خان پنهنجي ناقص پرڏيهي پاليسي سبب پاڪستان کي پوري دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن نوجوان جو قتل ٿيو آھي، جنهن جو وزيراعليٰ سنڌ فوري نوٽس ورتو ۽ پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪنهن کي به رعايت نه ڏينداسين. پي ٽِي آئي جي دور ۾ ساهيوال سانحو پيش آيو ، پي ٽي آئي ملوث جوابدارن کي آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪنهن کي به رعايت نه ڏيندي. هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي تي بي بنياد الزام لڳايا ويا. هي پي ٽي آئي جي پراڻي عادت آهي. هن چيو ته ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو پي ٽي آئي پاڻ ڪندي رهي آهي. عمران خان جي آڊيو به آئي هئي، جنهن ۾ هن ميمبرن کي خريد ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ميمبرن جي خريداري جي آڊيو ليڪ پڻ هلائي. هن چيو ته عمران خان جعلي طريقي سان اقتدار ۾ آيو. عمران خان جنهن کي ڊيڊي چوندو هو. اڄ ان جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيو آهي. عمران خان احسان فراموش شخص آهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت دٻاءُ ۾ آهي، پر معيشت ريڪور ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت جي موجوده صورتحال جو هڪ شخص ذميوار آهي، جنهن جو نالو عمران خان آھي. جنهن پوري ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان زبردستي اچي اقتدار تي ويٺو ۽ هاڻي چوي ٿو ته نيب سندس اختيار ۾ نه هئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن شخص نيب کي پنھنجي آڱرين تي نچايو، نيب کي پنهنجي خواهش تي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. ڪندو رهيو. هن چيو ته توشا خاني جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل عمران خان آهي، جنهن واچون ۽ قالين به نه ڇڏيا. گوگي ڪنهن جي فرنٽ پرسن هئي، جيڪا اڄ تائين ملڪ مان فرار آهي. هاڻي هر شيءِ کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ لازمي آهي . ھن چيو ته عمران خان رڳو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران اهم ادارن کي تڪراري بڻائڻ ۾ ملوث رھيو. صوبائي وزير چيو ته اهو شخص پنهنجي قوم کي اھو نٿو ٻڌائي سگهي ته ھن کي ڪيترا ٻار آهن. کيس صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. هن چيو ته علي زيدي ڪالهه ثقافتي لباس ۾ پھري پريس ڪانفرنس ڪئي، ان جي ڪهڙي حيثيت آهي، علي زيدي ڪائونسلر جي اليڪشن هارائي ويو پر بعد ۾ ايم اين اي ۽ وفاقي وزير بڻجي ويو. علي زيدي جي سياسي حيثيت زيرو ضربيان زيرو آهي. هو ٻڌائين ته عمران خان پوڻن ٽن سالن جي دور ۾ سنڌ کي هڪ به ترقياتي اسڪيم ڏني. ڇا عمران خان هڪ رات به سنڌ ۾ گذاري. هن علي زيدي کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بي بي زنده هجي ها ته عمران خان ڪڏهن به وزيراعظم نه بڻجي سگهي ها. جيڪڏهن بي بي زنده هجي ها ته ملڪ جي هي صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته عمران خان خيبرپختوانخواه جي اسيمبلي ڇونٿو ٽوڙي. کين چيلينج ڪيان ٿو ته همت اٿس ته ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ٽوڙي ڏيکاري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي خلاف سمورا اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهن، ڪوئي به اهڙو ڪيس نه آهي جنھن ۾ سندس گرفتاري نه ٿي سگهي. ھن چيو عمران خان وزيراعظم پاڪستان جي عهدي تي فائز رهندي دڪانن جون جعلي رسيديون ٺاهيون. گڏيل عرب اماراتن پاران لاڙڪاڻي ۽ دادو جي رهواسين کي ملڪ ۾ اچڻ تي پابنديون لڳائڻ واري معاملي تي پڇيل سوال تي صوبائي وزير چيو تہ کيس به ڪافي شھرن جي رھواسين تي پابندي بابت شڪايتون مليون آهن ، اھو معاملو گڏيل عرب اماراتن سان اٿارينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button