سنڌ

ڪراچي ۾ سوين استادن جو مطالبن جي مڃتا لا احتجاج

پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ استادن دانهيو آهي ته 2001 کان 2019ع تائين ڀرتي ڪيل پرائمري استادن کي ريگيولر ڪيو وڃي. استادن جي بائيو ميٽرڪ صوبائي سطح تان ختم ڪري، ضلعي سطح تي منتقل ڪرڻ، ھيڊ ماسترن جو الائونس پنج ھزار روپيا ڪرڻ سميت يوٽيليٽي الائونس ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. احتجاج ڪندڙ استادن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري پرويز بلوچ پهتو، استادن چيو آهي ته ڀلي گولي هڻي ڇڏيو پر مطالبن جي مڃتا تائين پوئتي نه هٽنداسين. مظاهرين چتاءُ ڏنو آهي ته مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ سي ايم ھائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button