سنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ بک هڙتالن جو اعلان

سنڌ ايڪشن ڪميٽي قومي اسيمبلي طرفان نون صوبن لاءِ جوڙيل ڪاميٽي کي فوري طور ختم ڪرڻ، سنڌ اسيمبلي مان آرٽيڪل 144 ۽ 147 تحت پاس ڪيل قراردادن کي فوري طور واپس وٺڻ، برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي فوري واھر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي سنڌ دشمن سازشن خلاف عوامي رابطا مھم ۽ سياسي جدوجھد ڪرڻ، سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ اسيمبلين مان ٿيندڙ سازشن خلاف 7 ۽ 8 جنوري 2023ع تي سنڌ جي ڊويزنل ھيڊڪوارٽرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاھه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 24 ڪلاڪن جي علامتي بک ھڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سنڌ جي بار ڪائونسلن، وڪيلن، اديبن، دانشورن ۽ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي جي مڪروہ چهري کي سنڌ جي عوام تائين پھچائڻ ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف جدوجھد ۾ ساٿ ڏنو وڃي. سنڌ ايڪشن، ڪاميٽي جي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو تي ڪنوينر سيد جلال محمود شاھه جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي، عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاهه، جيئي سنڌ قومي محاذ جي صدر اسلم خيرپوري، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر سيد مسرور شاهه، جيئي سنڌ محاذ (س) جي اڳواڻ آدم ٻٽ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ تاج جويو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، پروفيسر مشتاق ميراڻي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، روشن علي ٻرڙو، قادر چنا، نواز شاهه ڀاڏائي، حريف چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان نون صوبن جي قيام لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي ۽ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان آئين جي آرٽيڪل 144 ۽ 147 ذريعي سنڌ جي قدرتي وسيلن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالھه تي اتفاق ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي ايندڙ وقت ۾ اقتدار جي حاصلات ۽ بلاول زرداري کي وزيرِاعظم ڪرڻ جي شوق ۾ ارڙھين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪري سنڌ جي صوبائي اسيمبلي مان قراردادون پاس ڪري، معدني وسيلن تي سيڙپڪاري ۽ ٻين انتظامي اختيارن کي صوبن کان کسي وفاق جي حوالي ڪيو ويو آھي. نه صرف ايترو سنڌ جا ٻيٽ ۽ سنڌ جون زمينون پڻ وفاق جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آھي. ريڪوڊڪ جي بھاني صوبن مان اختيارن جي منتقلي صوبن جي قدرتي وسيلن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي برابر آھي. پاڪستان جي فيڊريشن جي بنيادي تصور جي خلاف ورزي آھي. اجلاس ۾ اھو اتفاق ڪيو ويو تہ سنڌ سميت ٻيا صوبا تاريخي قومي وحدتون آھن ۽ 1973ع جي آئين ۾ به صوبن جي جاگرافيائي وحدت کي تسليم ڪندي، ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي تبديلي جو اختيار آرٽيڪل 239 (4) تحت صوبن وٽ محفوظ آھن, پر ھن وقت مرڪزي سرڪار ۽ پيپلزپارٽي جي ملي ڀڳت سان قومي اسيمبلي ۾ ھڪ اھڙي ڪاميٽي جوڙي وئي آھي، جنھن جو مقصد آئين ۾ ترميم ڪري نون صوبن لاءِ ۽ خاص طور تي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي ورھائڻ لاءِ راھموار ڪرڻ آھي. اھو عمل مرڪز طرفان ھڪ نئين ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي سازش آھي. ملڪ جي اندر رياستي ۽ معاشي بحران عروج تي آھي، ان وقت ۾ نون آئيني ٽڪساٽن، جنھن ۾ خاص طور تي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن مان محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ جا حڪمران, ملڪ جي فيڊريشن کي برابري تي ھلائڻ بجاءِ ڏاڍ ۽ جبر جي ذريعي ھلائڻ چاھين ٿا. جنھن ڪري پيپلزپارٽي سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو سمجھندي، سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي تي مجرماڻو ڪردار ادا ڪندي، سنڌ سان غداري ڪري رھي آھي. ھٿرادو ٻوڏ سبب چار مھينا گذرڻ باوجود سنڌ جي ڪافي ضلعن ۾ اڃا تائين سنڌ سرڪار پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي. سنڌ جو عوام ڪيمپن ۾ سخت سيءَ ۾ کليل آسمان ھيٺ بکن ۾ پاھه ۽ بيمارين ۾ مبتلا آھي. سڄي دنيا مان اربين ڊالر ملندڙ امداد ڪرپشن ۽ پنھنجا نوازي جي ذريعي ھڙپ ٿي رھي آھي. نه زرعي قرض معاف ڪيا ويا، نه وري سنڌ جي عوام کي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ٻج ڀاڻ مھيا ڪيو ويو، جنھن سبب سنڌ جو عوام معاشي بدحالي جو شڪار ٿي رھيو آھي. ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي جي نفاذ لاءِ ڪوششون ٿي رھيون آھن، جنھن ۾ پڻ غريبن جي چلھه وسائڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، پر ملڪ جي اشرافيہ جون عيش عياشون جاري رھنديون، ان ۾ ڪنھن به قسم جي گھٽتائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button