سنڌ

سنڌ ۾ چئن مهينن اندر سمورن کاتن ۾ معذورن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي چئن مهينن اندر سمورن کاتن ۾ معذور ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ جي سرڪاري شعبي ۾ معذورن کي ڪوٽا ۾ نوڪريون نه ڏيڻ خلاف ڪيس جي شنوائي ٿي. عدالت معذورن جي سرڪاري ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن کاتن ۾ معذورن جي ڀرتي جو عمل 2 هفتن ۾ شروع ڪيو وڃي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڀرتيون انهن کاتن ۾ ڪيون وينديون جن ۾ جايون خالي آهن ۽ ڪنهن حد تائين معذورن جي ڪوٽا تي عمل ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جي سمورن کاتن ۾ معذورن لاءِ نوڪرين جو ڪوٽا مختص ڪيو ويو آهي پر ڪوٽا مختص ٿيڻ باوجود سنڌ حڪومت معذورن کي سرڪاري ملازمت نه ڏئي رهي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت کي معذورن جي ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button