سنڌ

ٿرڪول واٽر پراجيڪٽ ۾ هڪ ارب 29 ڪروڙ جون گهوٻيون،جاچ شروع

نيب ٿرڪول واٽر پروجيڪٽ ۾ هڪ ارب 29ڪروڙ رپين جي گهوٻين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب نيب ٿرڪول واٽر پراجيڪٽ ۾ هڪ ارب 29 ڪروڙ رپيا گهوٻين جو انڪشاف ڪيو آهي جنهن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، نيب ڪراچي جي اختيارين آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کان خط لکي رڪارڊ گهري ورتو آهي. نيب پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته ٿرڪول واٽر پروجيڪٽ ۾ ڪيتري رقم خرچ ٿي، بل ڪنهن پاس ڪيا، رڪارڊ ڏنو وڃي. ذريعن موجب نيب جي خط باوجود آبپاشي کاتي طرفان نيب کي اڃا تائين ڪو به رڪارڊ نه ڏنو ويو آهي. ڄاڻايل رٿا تي 2016-17 ۾ رقم خرچ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button