پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڪيو اي ٽي جي ريلي

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مھانگائي، منشيات، بدامني،غيرقانوني بٺن جي آزار ۽ مٺو پاڻي نه ملڻ خلاف سرڪاري اسپتال کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ زاھد گل اوٺو، ڪلوئي تعلقي جي صدر محمد حنيف لنڊ ۽ جنرل سيڪريٽري الهبچايو لنڊ چيو ته نااهل حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري مھانگائي عروج تي پهچي وئي آهي. اٽو 5 ھزار رپيا في مڻ وڪرو ٿئي پيو. شهر ۾ منشيات ۽ بدامني وڌي وئي آهي، پر ڪلوئي پوليس وڏيرن، چورن ۽ منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل آهي. نااهل حڪمرانن سبب پورهيت طبقي جا ماڻهو مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آهن، پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي. ھنن سيشن جج ٿر کان مطالبو ڪيو مھانگائي، بدامني، منشيات جي وڪري ۽ مٺو پاڻي نه ملڻ جو نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button