رانديون

نيوزيلينڊ 449 تي آئوٽ، پاڪستان 3 وڪيٽن تي 148 رنسون ٺاهي ورتيون

پاڪستان جي مسٽري اسپنر ابرار الحق جي بالنگ جو جادو ٻيهر هلي ويو آهي، جنهن نيوزيلينڊ جي بيٽرن کي اسڪور ۾ محدود ڪري آوٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم مجموعي طور 449 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن تھ ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي واري راند ۾ نيوزيلينڊ جا باقي 4 بيٽر رڳو 140 رنسن جو اضافو ڪري آئوٽ ٿي ويا. ڪيوي بيٽرن مان ٽام بلينڊل 51 ۽ ميٽ هينري 68 رنسن جي اننگز کيڏي وڏو اسڪور ڪيو، جن ۾ ٽم سائودي 10، اعجاز پٽيل 35 رنسون ڪري سگهيا آهن. جڏهن تھ ايش سوڍي رڳو 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پاڪستاني بالرن مان نسيم 3 وڪيٽون ورتيون، ابرار 4 شڪار ڪري سڀني کان اڳيان رهيو، حمزا ڪا وڪيٽ نھ ورتي. هوڏانهن پاڪستان جي بيٽنگ اٿندي ڏکيائي ۾ رهي، پر امام الحق محتاط کيڏي پريشر ٽوڙي ڇڏيو، عبدالله شفيق 19، شان مسعود 20، ڪپتان بابراعظم 24 رنسن تي آئوٽ ٿيا، اهڙي ريت راند ختم ٿيڻ وقت امام الحق 74 ۽ سعود شڪيل 13 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button