پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ مطالبن جي مڃتا لا ايس يو پي جي علامتي بک هڙتال

ميھڙ: ميهڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 58 هين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لا ايس يو پي ضلعي دادو جي صدر سڪندر علي سوڍر، سينيئر نائٔب صدر حاجي خان مارفاڻي، تعلقه ميھڙ جي جنرل سڪيريٽري حبيب حضوري، عرس سوڍر، ولي محمد ڀٽي، حامد ڀٽي، محمد اسحاق سوڍر، نويد کوسو، محمد خان جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آزاد پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال جاري رکي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن ھٿرادو ٻوڏ آڻي ميھڙ سميت ضلع دادو جا فصل تباھه ڪري ڇڏيا آهن.

ھنن چيو ته اسان جا مطالبا آھن ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، اڃا تائين ميھڙ جي 8 يونين ڪونسل ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي، ميھڙ-فريدآباد جو مصروف روڊ بحال ناھي ٿيو، جنهن ڪري ماڻھو ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آھن. ھنن چيو ته غريبن کي راشن به نه ٿو ملي مال جو چارو به سرعام روڊن تي وڪرو ٿي رھيو آھي. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي عوام کان جيئٔڻ جو حق به کسي ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته جيستائين اسان جا مطالبا منظور نٿا ٿين اسان جو احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button