رانديون

حارث رئوف ۽ ميڪس ويل جي شرٽ هڪٻئي کي ڏيڻ جي تصوير وائرل

دبئي: پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سيمي فائنل کانپوءِ حارث رئوف ۽ ميڪس ويل جي تصوير وائرل ٿي وئي آهي. ٽي-20 ورلڊڪپ جي سيمي فائنل ۾ حارث رئوف جو ڏينهن سٺو نه رهيو ۽ هن پنهنجي ٽن اوورن ۾ 32 رنسون ڏنيون پر هن ايونٽ ۾ 6 ميچون کيڏيون ۽ 8 وڪيٽون ورتيون ۽ سندس اڪانومي ريٽ 7 ڏهائي 30 رهيو.

حارث رئوف ايونٽ جي گروپ ميچن ۾ نيوزيلينڊ خلاف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سيمي فائنل جي ميچ کانپوءِ حارث رئوف ۽ ميڪس ويل وچ ۾ جرسي مٽائي وئي، جنهن ۾ حارث پنهنجي جرسي ميڪس ويل کي ڏني ۽ آسٽريلوي رانديگر پنهنجي جرسي حارث رئوف کي تحفي ۾ ڏني.

بگ بيش ليگ ڪرڪيٽ ڪلب ميلبورن اسٽارز جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٻنهي رانديگرن جي جرسي تبديل ڪندي تصوير شيئر ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button