سنڌ

فريدآباد ڀرسان مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري زخمي حالت گرفتار

فريدآباد پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي ايس پي ميھڙ محمد يونس رودناڻي ايس ايڇ او فريدآباد ايس ايڇ او ميھڙ پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڳوٺ گرڪڻ ڀرسان ناٿ واري علائقي ۾ ڇاپو ھنيو، پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوھاري عبدالخالق جيسر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. ڊي ايس پي ميھڙ يونيس رودناڻي ٻڌايو ته عبدالخالق جيسر ھڪ خطرناڪ ڏوھاري ۽ سنگين ڪيسن ۾ ملوث آھي، پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو ھنيو ته ڏوھارين پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪئي فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ بدنام ڏوھاري عبدالخالق جيسر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، ٻيا ڏوھاري ڍنڍ ۾ ڀڄي ويا. زخمي جوابدار کي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو، جتان کيس لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. ھوڏانھن پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل عبدالخالق جيسر صحافين سان ڳالھائیيندي چيو ته آئون موٽر سائیڪل تي وڃي رھيو ھئس ته فريدآباد پولیس مون کي پڪڙي اسان جي مخالفن کان لکين روپيا رشوت وٺي ھڪ ڪوٺي ۾ بند ڪري مون کي ھاف فرا ڪيو، جڏھن ته منھنجي خلاف ڪو به ڪرمنل رڪارڊ نه آھي ۽ نه ئي مان ڪو ڏوھاري آھيان، مون تي پنھنجي برادري جي ذاتي دشمني جا ڪيس داخل ٿيل آھن، جنھن ڪري فريدآباد ۽ ميھڙ پوليس مون سان زيادتي ڪئي آھي، جنھن جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button