رانديون

ويمن انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش ۽ يو اي اي ميچون کٽي ورتيون

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) آئي سي سي ويمن انڊر 19 ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچن ۾ بنگلاديش ۽ يو اي اي پنهنجون پنهنجون ميچون کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ۾ شروع ٿيل ايونٽ دوران آسٽريليا ويمن ٽيم 5 وڪيٽن تي 130 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪليري مور 52 رنسن سان نمايان رهي. بنگلاديش انڊر 19 ٽيم 3 وڪيٽن تي 18 اوور ۾ هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ دلارا اختر 40 رنسن جي اننگز سان نمايان رهي. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ 9 وڪيٽن تي 99 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ يو اي اي جي ٽيم 4 وڪيٽن تي هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button