رانديون

نيوزيلينڊ جا 4 رانديگر ڏيهه روانا، سيريز سان گڏ آفريدي جي ذميواري بھ ختم

پاڪستان ۾ ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز جي پڄاڻي بعد نيوزيلينڊ جا 4 رانديگر گڏيل عرب امارتن رستي ڏيهه روانا ٿي ويا آهن، جنهن بعد سيريز سان گڏ عارضي چيف سليڪٽر طور شاهد آفريدي جي ذميواري بھ ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ ٻن ميچن واري ٽيسٽ سيريز بنا نتيجي ڪرڻ ۽ ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي بعد ڪين وليمسن، ٽم سائودي، اسٽيڊ ۽ جورگينسن واپس ڏيهه روانا ٿي ويا آهن، جيڪي پهرين دبئي ۽ اتان نيوزيلينڊ ويندا. نيوزيلينڊ جي باقي ٽيم مان اڪثر رانديگر هندستان ۾ رٿيل سيريز جي حوالي سان ڀارت ويندا، هوڏانهن واپس ڏيهه ويندڙ رانديگرن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ روانو ڪيو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم جي عارضي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي الوداعي پيغام جاري ڪندي چيو آهي تھ اميد تھ دليراڻن فيصلن سان اميدن تي پورو لٿو هوندس ۽ مان ذميواري ڏيڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان. هن چيو تھ مان هميشا ڪنهن بھ مدد جي ڏس ۾ حاضر آهيان. هن چيو تھ سيريز کٽڻ تي نيوزيلينڊ جي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو. مون کي اميد آهي تھ پاڪستاني ٽيم جي پرفارمنس اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button