پاڪستانسنڌ

مانجهند جي 7 يوسيز ۽ ٻن ٽائون تي چونڊ لا انتظام مڪمل

سن: مانجھند تعلقي جي 7 يوسيز، 2 ٽائٔونن ۾ 73 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 43 پولنگن کي انتھائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اڄ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن لا سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. يوسي کاڻوٺ، لاکڙا ڪول مائٔينز، آمري، لاکا، شاھه اويس، شالماڻي ۽ انڙپور سميت مانجهند ۽ سن ٽائون ڪميٽين تي اليڪشن لا سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي سي ٽي ڊي حيدرآباد طارق، چار ڊي ايس ايس پيز ۽ مختلف انسپيڪٽرن سيمت سب انسپيڪٽر رينگ جي آفيسرن سميت ٻاھرين ضلعن جي وڏي نفري مقرر ڪئي آهي، 4 سئو کان وڌيڪ پولنگ عملو سامان کڻي پولنگن تي پهچي ويو آهي. مانجھند جي 73 پولنگن تي 32768 عورتن ۽ 37627 مردن سميت ٽوٽل 70295 ووٽر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري اميدوارن کي چونڊيندا. ٻئي طرف قائٔم ٿيندڙ پولنگ اسٽيشن تي صحت کاتي جي عملي سميت 2 ٽائٔونن جو به وڏو عملو مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشن تي پاڻي، بجلي، ڪمبائٔونڊ وال ۽ واش روم جي سھولتن جي کوٽ ھجڻ سبب مقرر ٿيندڙ عملي کي سخت ڏکيايون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button