پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ننڍي عمر جي نينگري جي شادي ڪرائڻ جي ڪوشش

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ننڍي عمر جي نينگري جي شادي جي اطلاع تي ايس ايڇ او وومين ڳوٺ ولھار ۾ ڪارروائي ڪندي ننڍي عمر جي نينگري ملوڪي جوڳي سان شادي ڪندڙ شنڪر جوڳي، گھوٽ جي پيءُ گوردن جوڳي ۽ پنڊت مھاراج رميش ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته ڪنوار ملوڪي کي حفاظت سان وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جوابدارن خلاف چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ايس ايڇ او وومين مھناز اعواڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اطلاع تي اسان ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ننڍي عمر جي نينگري موڪلي کي پرڻائڻ جي رسم جاري ھئي، گرفتار جوابدارن خلاف چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button