پاڪستانسنڌ

پراڻ ۽ هاڪڙو ڍورن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن:جهڏي ۾ ڪانفرنس

جهڏو: جهڏو جي حريم گارڊن ۾ سول سوسائٽي طرفان پاڻي جي قدرتي لنگھن پراڻ ڍورو ۽ هاڪڙو ڍورو تان قبضا هٽائڻ لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ضلعي ميرپورخاص جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن قاضي رحيم بخش ساند، محمد بخش ڪپري، ايوب کوسو، حاجي راشد قائمخاني، اياز کوسو، جليل انڙ، شيراز بلوچ، ممتاز کوسو، ۽ ٻين چيو ته جهڏو تعلقي مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي وهڪرن پراڻ ڍورو ۽ هاڪڙو ڍورو تي قبضا ڪري فطرت سان وڏي هٿ چراند ڪئي وئي آهي، قدرتي وهڪرن تي قبضا هجڻ ڪري جهڏو تعلقو 2011، 2020، 2022 ۾ ٽي ڀيرا ٻڏي تباهه ٿيو آهي، پراڻ ڍورو ۽ هاڪڙو ڍورو کي ايل بي او ڊي ۾ ملايو ويو آهي، جنھن کي فوري طور ايل بي او ڊي کان ڌار ڪيو وڃي. جهڏو، ٽنڊو جان محمد ۽ ڊگهڙي شهرن مان گذرندڙ پراڻ ڍورو تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا وڃن. شادي لارج ڌرڻي جي مظاهرين تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. هنن چيو ته جسڪاڻي سم نالي ۽ ٽنڊو جان محمد سم نالي جي ڊزائين کي بهتر ڪيو وڃي. پراڻ ڍورو جون ٽنڊو جان محمد کان جهڏو تائين جيڪي به سوڙهيون پلون آهن، انهن کي 100 فوٽن تائين ويڪرو ڪيو وڃي. جمڙائو ڪئنال سامارو روڊ وٽان قديمي نصير ڇنڊڻ تي جيڪي قبضا ڪيا ويا آهن، اهي هٽائي قديمي نصير ڇنڊڻ کي بحال ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته تازو ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن ۽ فصلن جو معاوضو متاثرن کي ادا ڪيو وڃي. 15 سالن ۾ پراڻ ڍورو، ايل بي او ڊي سم نالن جي مرمت لاءِ خرچ ڪيل اربين رپين جي فنڊن جي جاچ ڪرائي ايل بي او ڊي چيف ظريف کيڙو کي برطرف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button