رانديون

پي سي بي ايجنٽ ۽ ڪرڪيٽرن جا معاملا طئي ڪرڻ جو رٿي ڇڏيو

پي سي بي ايجنٽ ذريعي ايندڙ ڪرڪيٽرن جا معاملا طئي ڪرڻ جو رٿي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايجنٽن ذريعي ڪرڪيٽرن کڻڻ وارن معاملن ۾ گهوٻين جي ملندڙ شڪايتن بعد پي سي بي انهن جي حوالي سان ڪنهن حد تائين مشاورت پڻ ڪئي آهي، جنهن ۾ اهو اتفاق ڪيو ويو آهي تھ هڪ ايجنٽ وٽ ڪيترا ڪرڪيٽر هجڻ گهرجن انهن جو تعداد طئي ٿيڻ گهرجي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ايجنٽن پاران ڪجهه معاملن ۾ پنهنجي غير ضروري اهميت جتائڻ واريون ڳالهيون سامهون آيون آهن، جنهن بعد بورڊ معاملا ڪنٽرول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button