رانديون

آسٽريليا ويمن پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آسٽريليا ويمن پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي، قومي ٽيم جي بيٽنگ توڙي بالنگ ڪو ٻوٽو نھ ٻاريو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ويمن ٽيم برسبين ۾ پهرين ميچ دوران 40 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 160 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن ۾ آل رائونڊر ندا ڊار هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن ذريعي شاندار نموني سان 59 رنسون ڪيون، جڏهن تھ ڪپتان بسما معروف 28 ۽ سدرا نواز 14 رنسن تي آئوٽ ٿي ويون ۽ 5 بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ رهيون. جڏهن تھ آسٽريلوي بالرن مان جيس جوناسين ۽ ڊارسي برائون 2،2 ٽهليا مڪگراٿ، ايشلي گارڊنر ايلانا ڪنگ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. هوڏانهن برسات سبب آسٽريليا کي 158 جو هدف مليو، جيڪو بيٽرن رڳو 2 وڪيٽن تي 29 اوور ۾ هدف پورو ڪري ڇڏيو. آسٽريلوي بيٽرن فوئبي لچفيلڊ 78 ۽ وڏي عرصي بعد واپسي ڪندڙ ڪپتان ميگ ليننگ 67 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي فتح ڏياري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button