رانديون

ويمن انڊر 19 ورلڊَ ڪپ ۾ روانڊا ۽ نيوزيلينڊ ميچن کٽي ورتيون

ڏکڻ آفريقا ۾ آئي سي سي انڊر 19 ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ جا مقابلا جاري آهن، جنهن جي رائونڊ ميچ ۾ روانڊا جي ٽيم زمبابوي کي اپ س يٽ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ پڻ آئرلينڊ کان پنهنجي ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ۾ جاري آئي سي سي ٽي 20 ميگا ايونٽ ۾ نيوزيلينڊ 9 وڪيٽن تان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. آئرلينڊ جي ٽيم 74 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ زارا ڪريگ 20 ۽ ابي هيريسن 14 رنسن سان نمايان رهيون، باقي 9 بيٽر سنگل ڊجٽ مس اچي سگهيون آهن. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي بالر نتاشا 3 وڪيٽون ورتيون. ڪيويز ويمن انڊر 19 ٽيم هڪ وڪيٽ 7 اوور ۾ هدف پورو ڪري ورتو، جنهن ۾ انا بروئنگ 29 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، انتونيا هيملٽن 18 ۽ جورجيا پلمر 17 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيون. هوڏانهن ٻي ميچ ۾ روانڊا جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 119 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ زمبابوي 80 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ روانڊا جي بالرن هينريٽي ايشموي 4 ۽ زوروفت ايشموي 2 وڪيٽون ورتيون  آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button