پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ وظيفي جا پئسا نه ڏيڻ تي همراهه جو زال تي وچ شهر ۾ تشدد

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا نه ڏيڻ تي همراهه وچ شهر ۾ زال تي وحشياڻو تشدد ڪيو. عورت ٿاڻي تي پهچي وئي. خبر موجب ڊگھڙي شھر جي مير جان محمد ڪالوني جي وارڊ نمبر ھڪ جي رھواسڻ زرينه عباسي جيڪا مڙس سان گھريلو تڪرار بعد پنھنجي والد جي گھر ڊگھڙي ۾ رهندي آهي، ان ڊگھڙي ٿاڻي تي پھچي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منھنجي شادي ڀريا روڊ جي رھواسي رمضان ولد مير باز عباسي سان ٿي ھئي، جنھن سان گھريلو تڪرار جي ڪري پنھنجي ٻارن سان گڏ ٽن سالن کان ڊگھڙي شھر ۾ پنھنجي والد جي گھر رھان ٿي، اڄ منھنجو مڙس ڊگھڙي آيو ۽ جنهن مونکي اھو چئي پاڻ سان گڏ ھلڻ لا چيو ته بئنڪ مان قرض وٺڻ ۾ تنھنجي مدد جي ضرورت آھي، آئون ھن سان گڏ گهران کان نڪتيس ته ھن گھر ڀرسان اقرا اسڪول وٽ مون کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي جا مليل 7 ھزار رپيا گهريا، انڪار تي مڙس وچ شهر ۾ وحشياڻو تشدد ڪيو، منھنجي رڙين تي ماڻھو گڏ ٿي ويا، جنھن بعد مڙس فرار ٿي ويو. هن گهر ڪئي ته ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس عورت جي درخواست تي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button