رانديون

بي پي ايل ۾ خوشدل شاهه ۽ رضوان جون ففٽيون، وڪٽورينز ڪامياب

بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڪوميلا وڪٽورينز 33 رنسن تان ڍاڪا ڊومينيٽرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بي پي ايل جي 37 ميچ دوران ڪوميلا وڪٽورينز جي ٽيم 4 وڪيٽن تي 184 رنسون ٺاهيون، جن ۾ پاڪستان جي خوشدل شاهه 64 ۽ محمد رضوان 55 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ٽيم کي کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن تھ ڍاڪا ڊومينيٽرز جي بيٽرن جواب ۾ 4 وڪيٽن تي 154 رنسون ٺاهيون آهن، جن ۾ ناصر حسين 66 رنسن جي وڏا اننگز کيڏي نمايان رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button