رانديون

بگ بيش ۾ ٿنڊر 8 وڪيٽن تان رينيگيڊز کي شڪست ڏئي ڇڏي

بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ سڊني ٿنڊر جي ٽيم 8 وڪيٽن تان ميلبورن رينيگيڊز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بي بي ايل جي 47 ميچ دوران ميلبورن رينيگيڊز جي ٽيم 9 وڪيٽون وڃائي 142 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ول سڌرلينڊ 42، مارٽن گپٽل 30 ۽ ميٽ ڪرچلي 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن تھ 5 بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ رهيا. اهڙي ريت سڊني ٿنڊر جي ٽيم رڳو 2 وڪيٽن جي نقصان تي 19 اوور ۾ هدف پورو ڪري ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، جنهن ۾ ميٿيو گائيڪس 74 ۽ ايلڪس روز 40 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا، باقي ڊيوڊ وارنر 26 رنسن ۽ اوليور ڊيويس ٻڙي تي آئوٽ ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button