رانديون

انڊر 19 ويمن ورلڊ ڪپ:انگلينڊ هٿان روانڊا کي شڪست، آئرلينڊ سپر 6 ۾ داخل

انڊر 19 ويمن ٽي 20 ڪپ جي جاري رائونڊ مقابلن ۾ انگلينڊ 139 رنسن تان روانڊا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن تھ روانڊا رڳو 45 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق انڊر 19 ويمن ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 183 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ روانڊا ويمن جي سڄي ٽيم 45 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن سان انگلينڊ ويمن 139 رنسن تان ميچ کٽي ورتي آهي، جنهن ۾ انگلينڊ جون بيٽر ، لبرٽي هيپ 64 ۽ گريس اسڪرويونس 51 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ روانڊا جي بالرن مان سيلويا 3 وڪيٽون ۽ گسيل آئيشموي هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن. جڏهن تھ روانڊا جي بيٽرن مان هينريٽ آئيشموي 12 رنسن سان نمايان رهي. جڏهن تھ 4 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿيون، 6 بيٽر سنگل ڊجٽ تائين محدود رهيون.

انگلينڊ جي انڊر 19 بيٽر بيٽنگ ڪندي

اهڙي ريت ٻي ميچ ۾ آئرلينڊ 156 رنسون ٺاهي روانڊا کان ميچ 49 رنسن تان کٽي ورتي، سندس بيٽرن مان زارا ڪريگ 52 ۽ جورجينا ڊيمپسي 50 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿي ويون. هوڏانهن انڊُنيشيا ويمن ٽيم 8 وڪيٽن تي 107 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن جي بيٽرن مان ني ليو ڊيوي 34 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، ٿرسيانا ووئي ۽ ني مورتياري 11، 11 رنسون ٺاهيون، آئرلينڊ جي بالرن مان زارا ڪريگ 2 وڪيٽون وٺي نمايان رهيون. جڏهن تھ ميچ کٽڻ تي آئرلينڊ سپر 6 ۾ پهچي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button