رانديون

قطر فٽبال ورلڊ ڪپ کي دنيا جي ڏيڍ ارب ماڻهن ڏٺو: فيفا

فيفا چيو آهي تھ قطر ۾ رٿيل فٽبال ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميچن کي سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ارب ماڻهن ڏٺو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ فيفا جي اختيارين ٻڌايو تھ قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ 18 ڊسمبر تي ارجنٽينا ۽ فرانس جي ميچ کي 88 هزار 966 ماڻهن اچي ڏٺو آهي. جڏهن تھ لائيو اسٽريمنگ ۽ ٽي وي تي ڏيڍ ارب ماڻهن ايونٽ کي ڏٺو آهي. فيفا موجب ايونٽ کي ڏسڻ خاطر اسٽيڊيم ۾ 34 لک ماڻهن آيا، ميچن ۾ ڪل 172 گول ٿيا، جڏهن تُ 1998ع ۽ 2014ع ۾ 171 گول ٿيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button