رانديون

بگ بيش ليگ: سمٿ جي سينچري، ٿنڊر 62 رنسن تي ڍير، سڪسرز ميچ کٽي ورتي

بگ بيش ليگ ۾ سڊني سڪسرز 125 رنسن تان سڊني ٿنڊر کي شڪست ڏئي ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بگ بيش ليگ 50 ميچ ۾ سڊني سڪسرز 2 وڪيٽن تي 187 رنسون ڪيون، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ 125 جي اننگز کيڏي پاڻ ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن تھ موئيس هينرڪس 45 سان ناقابل شڪست اننگز کيڏي آهي، جوش فلپس 10 ۽ ڪرٽس پيٽرسن 2 رنسون ڪيون آهن. اهڙي ريت سڊني ٿنڊز جي ٽيم 62 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڊيوڊ وارنر 16 ۽ جوئل ڊيويس 10 رنسن سان نمايان رهيا، باقي سمورا بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ آيا. سڊني سڪسرز جي بالرن مان اسٽيو او ڪيف 4 ۽ سين ايبٽ 3 شڪار ڪري پاڻ ملهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button