رانديون

انڊر 19 ويمن ورلڊ ڪپ سپر سڪس ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ انڊر ميچون کٽي ورتيون

ويمن انڊر 19 ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر سڪس مرحلي ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ پنهنجون پنهنجون ميچ کٽي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ۾ هلندڙ مقابلن ۾ روانڊا ويمن 7 وڪيٽن تي 96 رنسون ڪيون، جنهن ۾ هيريٽي آئيشموي 30، گسيل آئيشموي 27 رنسن سان نمايان رهيون. جڏهن تھ جواب ۾ نيوزيلينڊ ويمن ٽيم 17 اوور ۾ 99 ٺاهي هدف ماڻي ورتو، جنهن ۾ ايما مڪليوڊ 59، آئيزي شارپ 17 رنسن سان نمايان رهيون. روانڊا جي بالر روزين آئريرا 3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو. هوڏانهن انگلينڊ ويمن ٽيم 2 وڪيٽن تي 207 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اسڪريونس گريس 93 رنسن جي ننگز کيڏي، لبرٽي هيپ 42، نيام هولينڊ 34 ۽ سيرن سميل 30 تي ناٽ آئوٽ رهيون. جڏهن تھ آئرلينڊ جون بيٽر رڳو 86 رنسن تي آئوٽ ٿي ويون، جن ۾ 6 بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ رهيون ۽ ٻھ ٻڙي تي آئوٽ ٿيون. جڏهن تھ ايبي هيريسن 16، ايمي موگيري 14 ۽ سيوئن ووڊس 13 رنسون ڪيون. انگلش بالرن مان صوفيا سميل 3 ۽ هانا بيڪر بھ 3 وڪيٽون وٺي اهم ڪردار ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button