رانديون

افسوس، پاڪستان ۾ اسپورٽس مين ذليل ٿيندو آهي: شهروز ڪاشف

پاڪستان جي ننڍي عمر ۾ جبل چاڙهو طور ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪندڙ شهروز ڪاشف مايوسي واري انداز ۾ چيو آهي تھ افسوس، پاڪستان ۾ اسپورٽس مين ذليل ٿيندو آهي. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ هن جو چوڻ هو تھ پاڪستان ۾ جابلو چوٽيون فتح ڪندڙ رانديگرن کي هٿي نٿي ملي، هاڻ اپيلون ڪندي مان ٿڪجي پيو آهيان، بين الصوبائي رابطن واري وزير 10 ڀيرا واعدا ڪيا، هڪ بھ پورو نھ ٿيو، رڳو مايوسي ئي ملي، صدر مملڪت کان وٺي سڀني سان مليس، وڏي وزير وٽ تھ ملاقات ڪرڻ جو بھ وقت نھ آهي. هن چيو تھ منهنجو خواب آهي تھ 8 هزار ميٽرن کان بلند 14 جابلو چوٽين کي فتح ڪيان، منزل جي ويجهو آهيان، اهو خواب پورو ڪندس، پر هاڻ جيڪڏهن ڪنهن سڏايو بھ مون تي فرق نھ پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button