رانديون

بگ بيش ۾ اسڪارچرز ۽ هيٽ پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ورتا

بگ بيش ليگ جي جاري مقابلن ۾ پرٿ اسڪارچرز ۽ برسبين هيٽ پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ورتا آهن. ميڊيا مطابق ليگ جي 51 ميچ ۾ برسبين هيٽ 4 وڪيٽن تي 188 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سام هين جو 75 رنسون نمايان آهن. جڏهن تھ جواب ۾ ميبلبورن اسٽارز جي ٽيم 3 وڪيٽن تي 184 رنسون ٺاهي 4 رنسن تان شڪست کاڌي آهي آهي، جنهن ۾ ٽان روجرز 41، مارڪس اسٽوئنس 36، هلٽن ڪارٽرائيٽ 31 رنسن سان نمايان رهيا. هوڏانهن ايونٽ جي 52 ميچ ۾ پرٿ اسڪارچرز ميلبورن رينيگيڊز کي 10 رنسن تان هارائي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. پرٿ اسڪارچرز 5 وڪيٽن تي 212 رنسون ڪيون، جنهن ۾ ڪيمرون بين ڪرافٽ 95 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي آهي، اسٽيفن اسڪنازي 54 رنسون ڪيون. اهڙي ريت ميلبورن رينيگيڊز 5 وڪيٽن تي 202 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ايرون فنچ 76 رنسن سان نمايان رهيو، شان مارش 54 رنسون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button