رانديون

هارون رشيد قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون چيف سليڪٽر مقرر

پي سي بي مينيجمينگ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي هارون رشيد قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پي سي بي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نجم سيٺي چيو تھ مشاورت مڪمل ڪرڻ بعد هارون رشيد جي مقرري عمل ۾ آندي آهي، مون سالن تائين ان سان گڏجي ڪم ڪيو آهي، چيف سليڪٽر هوم ورڪ ڪرڻ بعد نالا ڏيندو آهي، مون کي رڳو صحيحون ڪرڻيون پون ٿيون. هن چيو تھ سليڪشن ڪاميٽي جا ميمبر سڪون سان آڻينداسين، چيف سليڪٽر جو اعلان ان ڪري ڪيو تھ افواهن ۾ شدت پئي آئي، هر ماڻهو اميدوار هو، تنهنڪري پريشر کي ختم ڪرڻ۾ خاطر چيف سليڪٽر جو اعلان ڪيو. نجم سيٺي چيو تھ بابراعظم کي هٽائڻ جون ڳالهيون افواهه آهن،

پي سي بي جو سربراهه نجم سيٺي پريس ڪانفرنس ڪندي

هو تاريخ جو سٺو بيٽر آهي، اهڙين ڳالهين تي ڌيان نھ ڏنو وڃي. جڏهن تھ آئين مطابق ڪپتان ۽ ڪوچ جي مقرري منهنجو اختيار آهي، شان مسعود کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو تھ پليئنگ اليون ۾ نھ کيڏايو ويو، اهو فيصلو مشاورت سان ڪيو هو. هن چيو تُھ مڪي آرٿر سان ڳالهيون هلن پيون، اميد تھ سٺا نتيجا ملندا. هن چيو تھ افغانستان سان سيريز حڪومت جي رضامندي بعد ٿيندي، اها ڳالهه افغان بورڊ جي عهديدارن کي چئي ڇڏي آهي. هن چيو تھ اسان جا رانديگر آئي سي سي ٽيم آف دي ايئر ۾ شامل ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button