پاڪستانسنڌ

چيلهار ۽ ڀرپاسي پابندي باوجود قيمتي وڻن جي واڍي جاري

چيلهار: چيلهار ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ 144 قلم لاڳو هئڻ باوجود قيمتي وڻن جي واڍي جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جنهن سبب آرا مشين وارا به سرگرم بڻيل آهن. چيلهار ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ڦلڙهار، بجل مڙهو، ارنرو ٻورلي، ڀيل جي سيمن ۾ ڪجهھ وقت کان روهيڙي سميت قيمتي وڻن جي غيرقانوني واڍي ڪري گاڏيون ڀري وڪرو ڪيون پيون وڃن، 144 قلم لاڳو هئڻ باوجود انتظاميا مڪمل طور تي خاموش بڻيل آهي. ان ڏس ۾ علائقي واسين چيو ته گهاٽن ۽ ساون وڻن اندر ڪيترائي جهنگلي جانور رهن ٿا ۽ وڻن جي واڍي فطرت جو قتل آهي، اسان جي علائقي مان مسلسل قيمتي وڻ وڍي سون جي تعداد ۾ گاڏيون ڀري رات جي پيٽ ۾ مختلف آرا مشين ڏانھن کڻي وڪرو ڪيون پيون وڃن، هزارن جي تعداد ۾ بيٺل وڻ هاڻ ماڳهين نظر ئي نٿا اچن. قيمتي وڻ روهيڙي جي واڍي سبب فطري سونهن اجڙڻ سان گڏ فطرت جو به قتل عام ڪيو پيو وڃي. علائقن واسين ڊي سي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته لاڳو ڪيل 144 قلم تحت وڻن جي واڍي ڪري وڪرو ڪندڙ آرا مشين وارن سميت سهولتڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button