رانديون

بگ بيش ۾ برسبين ۽ بي پي ايل ۾ رنگپور ميچون کٽي ورتيون

بگ بيش ليگ جي ٽيم برسبين هيٽ سڊني ٿنڊر کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جڏهن تھ بنگلاديش پريميئر ليگ جي ميچ ۾ رنگپور رائيڊرز وري 6 وڪيٽن تان سلهٽ اسٽرائيڪرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بگ بيش ليگ ۾ برسبين 5 وڪيٽن تي 203 رنسون ڪيون، جنهن ۾ عثمان خواجا 94، مارنس ليبوشين 74 رنسن جون شاندار اننگز کيڏيون آهن. جڏهن تھ موٽ ۾ برسات سبب ميچ کي ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت محدود ڪري 61 رنسن جو هدف ڏنو ويو، جنهن ۾ سڊني ٿنڊر هڪ وڪيٽ تي 52 رنسون ٺاهي سگهي. هوڏانهن ڍاڪا ۾ کيڏيل بي پي ايل جي ميچ ۾ سلهٽ اسٽرائيڪرز 9 وڪيٽن تي 92 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ رنگپور رائيڊرز جي ٽيم 4 وڪيٽن تي 16 اوور ۾ هدف ماڻي ميچ کٽي ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button