رانديون

ڀارت ويمن انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو، نيوزيلينڊ نڪري ويو

ڀارتي ٽيم ويمن انڊر 19 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، جنهن سان نيوزيلينڊ ويمن ٽيم ايونٽ مان نڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ۾ جاري پهرين سيمي فائنل جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ ويمن ٽيم 9 وڪيٽن تي 107 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ بيٽر جورجيا پليمر 35، ازابيل گيز 26 رنسن سان نمايان رهيون، باقي بيٽرن مان آئيزي شارپ 16 رنسون ڪيون، باقي بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيون. جڏهن تھ ڀارتي بالر پرشوي چوپڙا 3 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن ڀارتي ٽيم 2 وڪيٽن تي 15 اوور ۾ هدف ماڻي ورتو، جنهن ۾ شويتا سهراوت 61 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي. جڏهن تھ شيفالي ورما 10 ۽ سوميا تيواري 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيون. نيوزيلينڊ جي انا برائوننگ ڀارت جون 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button