رانديون

پاڪستاني اولمپئين جنيد خان تي تاحيات پابندي لڳي وئي

پاڪستان هاڪي فيڊريشن اڳوڻي اولمپئين ۽ مينيجر جنيد خان مٿان تاحيات پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق جنيد خان تي الزام آهي تھ هن جاپان خلاف ميچ دوران ميدان تي 12 رانديگر آندا، جنهن سبب قومي ٽيم ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ ڪواليفائي نھ ڪري سگهي هئي. پي ايڇ ايف جي اڳوڻي سيڪريٽري آصف باجوا معاملي جي جاچ واري ڪاميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ جنيد خان پيش نھ ٿيو، جنهن بعد هن استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي هئي. پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري حيدر حسين جو چوڻ آهي تھ جنيد خان جي عمل سان دنيا اسان تي کلي، اهڙو ڏوهه معافي جوڳو ناهي، هاڻ هو سڄي زندگي هاڪي سرگرمين ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. ياد رهي تھ جنيد خان واٽس ايپ تي چيو هو تھ واقعي جو ذميوار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button