رانديون

ڍاڪا ڊومينيٽرز 5 وڪيٽن تان باريشل کي شڪست ڏئي ڇڏي

بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا ڊومينيٽرز جي ٽيم 5 وڪيٽن تان فورچيون باريشل کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بي پي ايل جي جي 31هين ميچ ۾ فورچيون باريشل جي ٽيم 8 وڪيٽن تي 156 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ انعام الحق 42، محمد الله 39، ڪريم جنت 17 ۽ پاڪستاني بيٽر افتخار احمد 10 رنسون ٺاهيون. مخالف بالرن مان عامر حمزا 2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي. ڍاڪا ڊومينيٽرز جي ٽيم 5 وڪيٽن تي 157 رنسون 19 اوور ۾ ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي. جڏهن تھ محمد مٺن 54، سوميا سرڪار 37، ناصر حسين 20 رنسون ڪيون. مخالف بالرن مان شڪيب الحسن ۽ سنزام الاسلام 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button