رانديون

پي ايس ايل نھ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن کي رعايت ڏيندي واپس سڏائڻ واري پاليسي نرم

پي سي بي پي ايس ايل سيزن 8 جا ميچ نھ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن کي رعايت ڏيندي واپس سڏائڻ واري پاليسي نرم ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي جي اختيارين نمائشي ميچ نھ کيڏندڙ ملڪي رانديگرن کي بھ 8 فيبروري تائين بي پي ايل کيڏڻ جا اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن بعد کين سڏايو ويندو. جڏهن تھ پي ايس ايل سيزن 8 جو ميگا ايونٽ 13 فيبروري کان شروع ٿيندو، ذريعن موجب نمائشي ميچ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن کي پي سي بي سڀاڻي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي ايس ايل نھ کيڏندڙ رانديگرن کي ڏيهه واپس سڏائڻ واري پاليسي جو نئين سر جائزو ورتو ويو آهي، جنهن بعد پي ايس ايل نھ کيڏندڙ رانديگرن بابت نرمي جو رٿيو ويو. ياد رهي تھ هن وقت بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر حارث رئوف، محمد رضوان، محمد نواز، خوشدل شاهه، نسيم شاهه، افتخار احمد، اعظم خان ۽ ٻيا کيڏي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button