رانديون

پي ايس ايل نمائشي ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز هٿان 3 رنسن تان پشاور زلمي کي شڪست

پي ايس ايل سيزن 8 جي نمائشي ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز 3 رنسن تان پشاور زلمي کي شڪست ڏئي نمائشي ميچ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي نمائشي ميچ ۾ ڪوئٽا گليڊيئٽرز 5 وڪيٽن تي 184 رنسون ٺاهي پشاور زلمي کي 185 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن ۾ افتخار احمد 94 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، جنهن ۾ هن پنجاب جي راندين واري نگران وزير وهاب رياض کي هڪ اوور ۾ لاڳيتو 6 ڇڪا بھ هنيا آهن.

پي ايس ايل نمائشي ميچ کيڏي پئي وڃي

جڏهن تھ خوشدل شاهه 36، واحد بنگلزئي 28، احسن علي 5، محمد نواز ۽ ڪپتان سرفراز احمد 4،4 رنسن ٺاهيون. جڏهن تھ پشاور زلمي جو بالر وهاب رياض 3 وڪيٽون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اهڙي ريت پشاور زلمي 7 وڪيٽن تي 181 رنسون ٺاهي سگهي آهي. ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي بالرن مان محمد حسنين 3، افتخار احمد 2 وڪيٽون ورتيون آهن. ان کان اڳ رانديگر جئين ميدان تي کيڏڻ پهتا تھ مقامي انتظاميا سندن پرجوش استقبال ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button