رانديون

اي سي سي ۾ حڪومتن کان اجازت جو ذڪر نھ ٿيو هو: پي سي بي

پي سي بي واضع ڪيو آهي تھ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ملڪي حڪومتن کان اجازت وٺڻ جو ڪو ذڪر نھ ٿيو هو. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي جو چوڻ هو تھ ڪرڪ انفو جي رپورٽ ۾ ڪا سچائي ناهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي تھ ايشيا ڪپ جي هنڌ بابت فيصلو مارچ تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، ڇوتھ ميمبرن جو چوڻ هو تھ اهي ملڪي حڪومتن کان هدايت وٺندا تھ سندن ٽيمون پاڪستان ڪڏهن وڃي سگهن ٿيون. پي سي بي موجب سريلنڪا 2017ع ۽ 2019ع، بنگلاديش 2020ع ۾ پاڪستاني اچي کيڏي چڪا آهن. آئي سي سي ميمبرن بھ ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جا ٽوئر يقيني بڻائي ڇڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button