رانديون

پي ايس ايل اٺين ايڊيشن لا نئين ٽرافي سڀاڻي متعارف ڪرائي ويندي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن لاءِ نئين ٽرافي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين سيزن جي شروعات کان اڳ سڀاڻي 9 فيبروري تي ٽرافي جي رونمائي لاءِ شاليمار باغ لاهور جي چونڊ ڪئي وئي آهي، پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين نجم سيٺي ٽرافي جي رونمائي ڪندو. پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ٽيمن جي فرنچائزز کي به تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته نئين ٽرافي کي 25 قيراط سون جي استعمال سان وڌيڪ شاندار بڻايو ويو آهي، جڏهن ته سيزن 7 جي ٽرافي ٻيهر پيش نه ڪئي ويندي ۽ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندر وٽ رهندي. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 13 فيبروري کان ملتان ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل 19 مارچ تي کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button