رانديون

حيدرآباد ۾ شوٽنگ بال شو مئچ، نياز ڪلب ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

حيدرآباد ۾ فقير ميان تاج محمد سومرو ڀيلار جي عرس مبارڪ جي موقعي تي شوٽنگ بال شو مئچ ٿي گذري، جنهن ۾ العثمان لاهور ڪلب ۽ نياز شوٽنگ بال ڪلب حيدرآباد وچ ۾ بيسٽ آف فائيو جي شو مئچ کيڏي وئي. جنهن ۾ نياز شوٽنگ بال ڪلب هڪ مئچ جي مقابلي ۾ 3 مئچون کٽي اها مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. جنهن جو خاص مهمان ڊاڪٽر غلام حسين ڀيلار ۽ ڊاڪٽر قيصر جتوئي هئا. ان موقعي تي شوٽنگ بال جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نياز شوٽنگ بال ڪلب جي محبوب سولنگي، مسرور ميمڻ ۽ قيصر ڀٽي شاندار راند جو مظاهرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button