پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ زيادتي جو شڪار ڇوڪري حمل سان هجڻ جو انڪشاف

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڌوڙ گڊڙو ۾ مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻايل 16 ورهين جي ڇوڪري جي واقعي جو ڪيس ٻن جوابدارن تي داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هوڏانهن ڇوڪري جي والد ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هڪ جوابدار منهنجي نياڻي سان زيادتي ڪئي، ٻيو جوابدار سهولتڪار هو. ٻئي پاسي ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد کينسر پوليس رات دير سان ڇوڪري جو مٺي جي سول اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو. شروعاتي رپورٽ ۾ ڇوڪري سان زيادتي جون شاهديون مليون آهن. ان سلسلي ۾ سرجن ڊاڪٽر نياز ڪوٽڙيو موجب ڇوڪري 4 مهينن جي حمل سان آهي. ٻئي پاسي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ٻن ڏينهن کان جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او کينسر ظفرالله بلو ٻڌايو ته واقعو هڪ هفتو پراڻو آهي، نينگري جي والدين کي برادري طور ٺاھه ڪرائڻ لاءِ وڏيرن روڪيو ۽ ٺاھه نه ٿيڻ تي ٿاڻي تي پهتا، جنهن بعد اسان کي خبر پئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدار گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button