پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ متاثر ڪٽنب جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ غريب آباد ٿاڻي جي حد سيال ڪالوني واسي شوڪت علي شيخ پنھنجي گھرواري ثمينه شيخ ۽ ٻن معصوم نياڻين سميت بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته بااثرن بلاول پنجابي، مالڪ پنجابي ۽ رميش ڪولھي وارن ڪجھه عرصو اڳ اسان سان جھيڙو ڪيو، جنھن بعد اسان عدالت معرفت ڄاڻايل بااثرن خلاف غريب آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، هاڻ جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مختلف طريقن سان حراسان ڪرڻ سميت ڌمڪائي رهيا آهن، انڪار ڪرڻ تي بااثر جوابدار نياڻين کي اغوا ڪرڻ سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت قتل جون ڌمڪيون ڏين پيا، شڪايتون ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن ي گرفتار نٿي ڪري. متاثر ڪٽنب ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button