پاڪستانسنڌ

ڊائريڪٽر محتسب اعلى جا ڪلوئي جي اسڪولن جا دورا، جائزو ورتو

ڪلوئي: ڊائريڪٽر محتسب اعلیى ٿرپارڪر ڄام فرهاد بيگ ڏهر چيو آهي ته اسان کي نياڻين جي تعليم تي وڌيڪ توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ انهي اهميت کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي، بهترين سماج لاءِ عورتن جو تعليم يافتا هجڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعلقي ڪلوئي جي پرائمري اسڪول ڀاناڻو اوٺا، هائي ۽ پرائمري اسڪول فقير سليمان چانڊيو جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر محتسب اعلى ٿرپارڪر اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪندي چيو ته نياڻين جي تعليم تي وڌيڪ توجهه ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ اسڪولن ۾ ڇوڪرين جي داخلا وڌائڻ تي ڪم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته نياڻين جي تعليم سان هڪ بهترين ۽ ترقي يافتا معاشرو تعمير ڪري سگھجي ٿو. ان موقعي تي اسڪولن ۾ موجود سهولتن جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي تعليم جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، واش روم ۽ صفائي سميت ٻيون سهولتون ضرورت مطابق فراهم ڪيون وڃن.ڄام فرهاد بيگ ڏهر اسڪول جي استادن ۽ ڳوٺاڻن سان نياڻين جي تعليم جي حوالي سان گڏجاڻي پڻ ڪئي ۽ چيو ته ٿر ضلعي ۾ به نياڻين جي تعليم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. استادن سميت ڳوٺاڻا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ڊي اي او سيڪنڊري ٿر شمس الدين راٺوڙ، ڊي سي او پرائمري محمد بچل هاليپوٽو، ٽي اي او ڪلوئي محمد سليم راهمون، کنگھار سنگھه، مختيارڪار ڪلوئي سجاد علي انصاري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button